جوڙ توڙ

جوڙ توڙ: هيءُ هڪ مشهور گاهه آهي، جيڪو گھڻو ڪري واٽر ڪورس جي ڪناري تي ٿئي ٿو. هن ۾ ڳريون هونديون آهن، جن کي ڇڪڻ سان الڳ ڪري سگھجي ٿو وري ملائڻ سان ڳنڍجي وڃن ٿيون، جو خبر ئي نه پوندي آهي ته هنن کي ڪو الڳ ڪيو ويو هو. انهيءَ ڪري هن گاهه جو نالو جوڙ توڙ رکيو ويو آهي. سنڌ ۽ پنجاب جي سرائڪي علائقن ۾ هن کي ’ٽوٽڪ ٻوٽي‘ به چيو ويندو آهي. هن جو مزاج سرد ۽ خشڪ ٻنهي موسمن وارو ٿئي ٿو .


لفظ جوڙ توڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو